اسٽوئرٽ پگٽ

اسٽوئرٽ پگٽ

اسٽوئرٽ پگٽ

اسٽوئرٽ پگٽ: برطانوي آثارِ قديمه جي هن نامياري ماهر، 28 مئي 1910ع تي پيٽرس فيلڊ، هيمپشائر (Petersfield, Hampshire) ۾ جنم ورتو، 1927ع ڌاري اسڪول مان ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ننڍي عمر ۾ ئي ريڊنگ ميوزيم ۾ اسسٽنٽ جي عھدي تي فائز ٿيو ۽ گڏوگڏ چرچز ڪاليج (Church’s College) ۾ اعليٰ ثانوي تعليم به حاصل ڪندو رهيو. ريڊنگ ميوزيم ۾ اسسٽنٽ جي عھدي تي فائز رهندي، هن نئين پٿر واري دؤر جي ٺڪرن بابت مھارت حاصل ڪري ورتي. 1928ع ۾ ويلز جي قديم تاريخي يادگارن بابت تحقيق ۽ سنڀال لاءِ قائم رائل ڪميشن ۾ مقرر ٿيو. هن ايليٽ (Elliot) ۽ سيسل ڪروين (Cecil Curwen) سان گڏجي سسيڪس (Sussex) ۾ موجود The Trundle Causewayed جي حد بندين جي کوٽائيءَ ۾ پڻ حصو ورتو. 1930ع ۾ هن اليگزينڊر ڪيلر سان گڏجي ويسڪس ۾ ڪم جي شروعات ڪندي بي شمار ماڳن جي کوٽائي ڪئي، جن ۾ ٻن اهم ماڳن ايوبوري (Avebury) ۽ ڪينٽ ايونيو (Kennet Avenue) جي کوجنا شامل آهن. 1993ع ۾ هن پنھنجي دوست گراهم ڪلارڪ (Grahame Clark) کي معنيٰ خيز ۽ اهم نتيجا ظاهر ڪندڙ ڪتاب The Age of the British Flint Mines ۽ Antiquity 1993 لکڻ ۾ مدد ڪئي. اهو ڪتاب آڳاٽي تاريخي سماج بابت مروج ڪيترن ئي تڪراري نقطن کي حل ڪرڻ جو سبب بڻيو. آثارِ قديمه جي علم بابت باضابطه تعليم نه هجڻ باوجود مورٽيمر وهيلر جي آثارِ قديمه واري اداري ۾ سندس نالو شامل ڪيو ويو، جتي هن 1936ع ڌاري آثارِ قديمه جي علم تي ڊپلوما جي ڊگري حاصل ڪئي. 1937ع ۾ هن The Early Bronze Age in Wassex جي نالي سان مؤثر/ مرڪزي اهميت واري تصنيف Seminal Papers شايع ڪرائي. جون 1939ع ڌاري چارلس فلپس جي دعوت تي پنھنجي زال پيگيءَ سان گڏ Sutton Hoo روانو ٿيو، جتي هن Burial Chamber قديم قبرن ۽ غفائن جي کوٽائي جو ڪم سرانجام ڏنو. ٻي مھاڀاري جنگ دوران، پگٽ هندستان ۾ Air Photo Interpreter طور ڪم ڪرڻ لڳو، جتي هن پنھنجو ڪجهه وقت ننڍي کنڊ جي آثارِ قديمه بابت ماهرن جي ٿيل تحقيق کي پڙهڻ ۾ گذاريو ۽ پنھنجي ذاتي تحقيق جي بنياد تي ڪي ڪتاب تحرير ڪيا، جن ۾: Ancient Cities of India, (1946) ۽ Prehistoric India, (1950) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.05.28  عيسوي

برطانوي آثارِ قديمه جي هن نامياري ماهر، 28 مئي 1910ع تي پيٽرس فيلڊ، هيمپشائر (Petersfield, Hampshire) ۾ جنم ورتو


1996.09.23  عيسوي

اسٽوئرٽ پگٽ 23 سيپٽمبر 1996ع تي برڪشائر ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رشيد بن زبير قاضي
بودلو بهار
سليمان تاجر
ابو دلف
ڄام ابراهيم سمو
حاجي غلام حسين ڊاڪٽر
آسو ٻائي
آخوند حافظ ولي محمد
خشڪ عبدالله
بهاءُ الدين ذڪريا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون